والٽر
فيئرسروس
Walter Ashlin
Fairservis
فيئرسروس ڪيترن ئي ادارن سانلاڳاپيل رهيو. جن ۾ هارورڊ
يونيورسٽي جو پيباڊي ميوزم، پينسلوينيا يونيورسٽي جو ميوزم ۽ ٿامس برڪي ميمورل
واشنگٽن اسٽيٽ ميوزم شامل آهن. 1969ع ۾ پاڻ واسر ڪاليج جي اينٿروپلاجي دپارٽمينٽ
جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1969ع کان 1993ع تائين فرض سرانجام ڏيندو رهيو.
پاڻ ساڳي ڪاليج ۾ ايشيا بابت اڀياس جو مرڪز قائم ڪري پاڻ ان جي دائريڪٽر طور
ذميواريون نڀايون. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ماڳ الهه ڏنو سميت ڪيترن ئي قديم
ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. بلوچستان ۾ به سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي کوجنا ڪئي. سنڌو
سڀيتا تي سندس ڪتابن ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ نه صرف بحث جو موضوع بڻيل رهيا، پر سنڌو
سڀيتا تي بعد ۾ کوجنا ڪندڙن لاءِ مددگار ثابت ٿيا.
ڪتاب ۽
مقالا
·
The Roots of
Ancient India (1969).
·
The Ancient
Kingdoms of the Nile and the Doomed Monuments of Nubia (1962).
·
Cave Paintings
of the Great Hunters (1959).
·
The Harrapan
Civilization and Its Writing: A Model for the Decipherment of the Indus
Script(1992).
·
The
Archaeology of the Southern Gobi -- Mongolia (1993)
·
Excavations at
the Harappan site of Allahdino: the seals and other inscribed
material (1976).
·
South Asian
Archaeology Studies (1993).
No comments:
Post a Comment