سمر ڪنڊو
Samar Kundu
رڪ سنڌي
ڀارتي آرڪيالاجسٽ سمر
ڪنڊو سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل آهي. پاڻ ڪلڪتي جي يونيورسٽي
مان بائيو آرگنڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد نيويارڪ جي
يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان 1971ع ۾ آرگينڪ ۽ بائيو آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري
حاصل ڪئي. ڪنڊو آڪٽوبر 1975ع کان جولاءِ 1980ع تائين نيويارڪ جي البرٽ آئنسٽائين
ڪاليج آف ميڊيسن ۾ 4 سالن تائين وزيٽنگ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. هن
بائلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ جولاءِ 1980ع کان نومبر 1983ع تائين ساڍا ٽي سال
ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ذميواريون ادا ڪيون. پاڻ 30 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ تحقيقي
مقالن جو خالق آهي. سندس تحقيق جا مکيه موضوع سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۽ ڪيمسٽري رهيا
آهن. سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي آهي.
ڪتاب
·
INDUS VALLEY CIVILIZATION, September 2013
No comments:
Post a Comment