مولائي شيدائي

مولائي شيدائي

Moali shedaie


رڪ سنڌي 
سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخدان رحيمداد خان ”مولائي شيدائي“ ولد شير محمد خان بروهي 1894ع ڌاري سکر شهر ۾ جنم ورتو. پاڻ 12 فيبروري 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ابتدائي تعليم سکر جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ورتي. انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو مئٽرڪ ۾ پهتو ته سندس والد جيڪو ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو، رٽائر ٿيو. هن کيس تعليم اڌ ۾ ڇڏرائي ريلوي کاتي ۾ ”سن ڪوٽا“ تحت نوڪري وٺرائي ڏني. 1913ع ۾ ڀرتي ٿيل رحميداد ترقي ڪري گارڊ جي عهدي تي پهتو, جتان 1939ع ۾ رٽائر ڪيائين، جنهن بعد پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ طرف لڳايو. پاڻ رٽائرمينٽ بعد صحافت جو شعبو به اختيار ڪيو. پاڻ ستاره سنڌ، سنڌ زميندار ۽ توحيد اخبارن ۾ لکندو رهيو. سندس سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ ثقافت جي موضوع تي هزارين مقالا شايع ٿيا. مولائي شيدائي سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا.

ڪتاب ۽ مقالا

·                    جنت السنڌ، 1958ع
·                    تاريخ بلوچستان، 1941ع
·                    تاريخ تمدن سنڌ، 1959ع
·                    تاريخ خاصخيلي، 1961ع
·                    تاريخ بکر،
·                    تاريخ سکر،
·                    سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ،
·                    تاريخ ٽالپر،
·                    تاريخ سنڌ،
·                    سنڌ جا قديم شهر،

No comments:

Post a Comment