ايس آر رائو

ايس آر رائو
S. R. Rao
 رڪ سنڌي
ڀارتي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر شڪارپورا رانگناٿ رائو آرڪيالاجي جي دنيا ۾ ايس آر رائو S. R. Rao جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ پهرين جولاءِ 1922ع ۾ جنم ورتو ۽ 3 جنوري 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رائو ميسور يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد برطانوي انڊيا جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت حاصل ڪئي ۽ کيس برودا رياست ۾ مقرر ڪيو ويو. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي ذميواريون نڀايون. جيتوڻيڪ پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ملازمت تان 1980ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، پر پوءِ به کيس حڪومت طرفان ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پروجيڪٽن کي جاري رکڻ لاءِ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. رائو جي ڪوششن سان ئي انڊيا ۾ پهريون ڀيرو 1981ع ۾ ميرائن آرڪيالاجيڪل ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو. ايس آر رائو ئي انڊيا ۾ ميرائن آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو بنياد وجهندڙ هو.
رانگناٿ رائو سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي، جن ۾ سنڌو سڀيتا جي بندر گاهه وارو شهر لوٿل، رانگپور، امريلي، اهولي، دوارڪا ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن. سندس انتهائي اهم کوجنا سنڌو ماٿري جي اهم ماڳ ۽ بندرگاهه واري شهر لوٿل تي هئي.
ايس آر رائو سنڌو سڀيتا جي لکت کي به پڙهڻ deciphered جي ڪوشش ڪئي، 1992ع ۾ هن دعوى ڪئي ته پاڻ سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. پر ٻين ماهرن سندس نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Lothal and the Indus Civilisation, Bombay: Asia Publishing House, (1973)
·                     Lothal: A Harappan Port Town (1955 - 1962), Vols. I and II, Memoirs of the Archaeological Survey of India, no.78, New Delhi, (1979 and 1985)
·                     Lothal, New Delhi: The Director General, Archaeological Survey of India (1985)
·                     Dawn and Devolution of the Indus Civilization, Delhi: Aditya Prakashan (1991)
·                     New Trends in Indian Art and Archaeology: S.R. Rao's 70th Birthday Felicitation Volumes, edited by B.U. Nayak and N.C. Ghosh, 2 vols. (1992)
·                     New Frontiers of Archaeology, Bombay: Popular Prakashan, (1994)
·                     The Lost City of Dvaraka, National Institute of Oceanography, (1999)
·                     Marine Archaeology in India, Delhi: Publications Division, (2001)

No comments:

Post a Comment