ديو پرڪاش شرما


ديو پرڪاش شرما
Deo Prakash Sharma

رڪ سنڌي 
آرڪيالاجي جو ماهر ڊاڪٽر ديو پرڪاش شرما بنارس هندو يونيورسٽي جو پروفيسر رهيو آهي. قديم آثارن ۽ ميوزم ٽيڪنالاجي بابت مهارت رکندڙ هن ڀارتي ماهر قديم تاريخ جي موضوع تي الهه آباد يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان گنگا جمنا ماٿري جي فن تعميرات تي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ورتي. جنهن بعد پاڻ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف لنڊن جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پرڪاش شرما ان دوران برطانيه، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي قديم آثارن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. هن 1985ع کان 2005ع تائين نئين دهلي جي نيشنل ميوزم ۾ هڙاپا ۽ قديم دور جي نواردات تي تحقيق ڪئي. کيس 2005ع ۾ نيشنل ميوزم ۾ اسيوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر شرما جا سنڌو سڀيتا سميت قديم تهذيبن ۽ ثقافتن تي 40 ڪتاب لکيل آهن ۽ هن 210 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا به تحرير ڪيا آهن. هن وقت پاڻ ڀارت ڪلا ڀون وارنسي ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي لکت تي به ڪم ڪيو آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Palaeolithic Age.
·                     Indus Script On Its Way To Decipherment, Bhartiya Kala Prakashan, 2000.
·                     The Lost Saraswati Civilization.
·                     Harrapan Potteries.
·                     Early Buddhist Metal Images of South Asia.
·                     Panorama of Harappan Civilization.

·                     Harappan Terracottas In The Collection Of The National Museum.


No comments:

Post a Comment