اين جي مجمدار
N. G. Majumdar
اين جي مجمدار سنڌ ۾ چانهون جي دڙي
سميت 62 قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ 1927ع ۾ قديم آثارن جي
کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن سان واسطو
رکندڙ قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي لاءِ
1927-28ع ۾ فنڊ مهيا ڪيو ويو، جنهن بعد هن موهن جو دڙو لڳ جهڪر جي قديم ماڳ جي کوٽائي
ڪرائي. مارچ 1930ع ۾ پاڻ سنڌو سڀيتا جي ٻن قديم ماڳن، ٺارو جون ٽڪريون ۽ چانهون جي
دڙي جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. جنهن بعد هن کيرٿر جي پهاڙي سلسلي لڳ قديم دور جي
ماڳن جي کوجنا شروع ڪئي. هن مارچ 1931ع تائين قديم دور جا 32 ماڳ هٿ ڪيا. پنهنجي
ان کوجنا متعلق تفصيلي رپورٽ ”ايڪسپلوريشن ان سنڌ“ (Exploration
in Sind) جي نالي سان
ڪتاب جي صورت ۾ اڳيان آندي. آمري جي قديم ماڳ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ به
اين جي مجمدار جو هٿ هيو. سندس هي ڪتاب 1934ع ڌاري شايع ڪيو ويو. ان بعد کيس پهرين
آڪٽوبر 1938ع ۾ ٻيهر سنڌ جي قديم ماڳن تي تحقيق جو ڪم سونپيو ويو. مجمدار پيرين
پنڌ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي موهن جي دڙي جي دور جون ڊزن کن قديم وسنديون دريافت
ڪيون. هن ان کوجنا لاءِ 200 ميل پيرين پنڌ ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. کيس اهو پراجيڪٽ
6 مهينين لاءِ ڏنو ويو هو، پر افسوس جو هن سنڌو سڀيتا تي تحقيق دوران پنهنجي جان
ڏئي، هڪ ٻيو انوکو مثال قائم ڪيو. پاڻ جڏهن ان پروجيڪٽ تحت دادو ضلعي جي ڪاڇي واري
علائقي ۾ تحقيق ڪري رهيو هو ته 11 نومبر تي روهيل جو ڪنڊ نالي قديم ماڳ تي ڌاڙيلن
سندس ڪيمپ تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اين جي مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن تي
تحقيق جو بانيڪار قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻين ماهرن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ
ڪم ڪيو ۽ تحقيق جا اهڙا بنياد فراهم ڪيا، جيڪي مستقبل ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن لاءِ سونهان
ثابت ٿيندا.
ڪتاب ۽ مقالا
·
N. G. Majumdar, Exploration in Sind, Indus Publications, 1981
·
N. G. Majumdar, A Guide to the
Sculptures in the Indian Museum, Part 1, Archaeological Survey of India, 1937
·
Nani Gopal Majumdar, Explorations in Art and
Archaeology of South Asia: Essays Dedicated to N.G. Majumdar, Directorate of
Archaeology and Museums, Government of West Bengal, 1996
No comments:
Post a Comment