آر ڊي بئنرجي
R. D. Banerji
راکلداس بئنرجي کي
قديم لکتن جي اڀياس جو تمام گهڻو شوق هوندو هو ۽ پاڻ 1919ع کان قديم دور جي لکتن
کي پڙهڻ بابت پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ پراچين بنگالي لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل
ڪئي. جنهن تي کيس ڪلڪتا يونيورسٽي طرفان جوبلي ريسرچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
بئنرجي پنجاب ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جي دور
جي قديم ٺلن بابت جاچ پڙتال ڪري رهيو هو ته اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري
شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. جڏهن بئنرجي
ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ
هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور
جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته
اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط
واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي
مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني
پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار
۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو
هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. آر ڊي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽش گورنمينٽ جي آرڪيالاجي
کاتي کي ڏنو، جنهن بعد 1922ع ۾ برطانوي هند جي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر
جان مارشل موهن جي دڙي پهتو ۽ هن موهن جو دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾
آرڪيالاجي کاتي جاعملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي ساڻس گڏ هئا.
آر ڊي بئنرجي جي شروعاتي ڪوششن سان ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل
پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب
بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن
جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ نه فقط سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ
جي سونهري دور جو اضافو ڪيو، پر بئنرجي کي
به جڳ جهان ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي جي دريافت بعد آر ڊي بيئنرجي ان بابت ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي
اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ مقالا لکيا. سندس انهن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انگريزي ۾”
انڊيا جو 5 هزار سال پراڻو شهر“، بنگالي ۾ ”موهن جو دڙو“ ۽ ”تاريخ کان اڳ، قديم
هندو انڊيا“ ۽ ”موهن جو دڙو هڪ وساريل رپورٽ“ شامل آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
·
An Indian City
Five Thousand Years Ago
·
Muhen-jodaro"
(in Bangla, Basumati, 1331 BS)
·
Prehistoric,
Ancient and Hindu India (posthumously
published, 1934)
·
Mahenjodaro –
A Forgotten Report
·
History of India (1924)
·
A Junior History of India (1928)
No comments:
Post a Comment