ايم بي پٿاوالا
M. B. Pithawalla
رڪ سنڌي
ماڻڪ بيجنجي پٿاوالا Manekji Bejanji
Pithawalla سنڌ جي آرڪيالاجي، قديم ۽ جديد دور جي تاريخ،
جاگرافي ۽ اقتصاديات تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهيو آهي. پاڻ نومبر 1886ع ۾ ڀارت
جي پونا رياست جي ننڍڙي ڳوٺ ناوساري ۾ ڄائو. پارسي خاندان سان تعلق رکندڙ ايم بي
پٿاوالا بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1920ع ۾ ڪراچي جي وير ڀائي سوپاري
هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 24 سالن تائين تعليمي خدمتون سرانجام
ڏنيون. ان بعد هو 1932ع ۾ اعلى تعليم لاءِ لنڊن ويو، جتي هن ڊاڪٽر آف سائنس جي
ڊگري لاءِ ٿيسز طور سنڌ جي جاگرافي تي تحقيق جي چونڊ ڪئي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ بعد پاڻ اين
اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ 32 سالن تائين جيالاجي جي پروفسير طور ذميواريون نڀايون. پٿاوالا
1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ جيالاجي ۽ جاگرافي جو پروفيسر رهيو.
کيس فيڪلٽي آف سائنس جو ڊين به مقرر ڪيو ويو. کيس پاڪستان حڪومت 1953ع ۾ اقتصادي
معاملن واري وزارت ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪندڙ شاگردن
جو گائيڊ به مقرر ڪيو ويو. پٿاوالا سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي سان به لاڳاپيل رهيو.
ايم بي پٿاوالا ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ 1957ع ۾ بمبئي ۾ وڃي رهائش اختيار
ڪئي. ماڻڪ پٿاوالا قديم سنڌ جي جاگرافي، درياهي وهڪرن، اقتصادي صورتحال، آرڪيالاجي
۽ سنڌ شناسي متعلق ٻين موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا لکيا، جيڪي تحقيق جي
ميدان ۾ اڄ به مددي مواد جو ڪم ڏين ٿا.
ڪتاب ۽ مقالا
·
A
geographical analysis of the lower Indus basin, 1936
·
Settlements
in the lower Indus basin (Sind), 1939 Sindh (Pakistan)
·
Rock
Records of Darius the Great, 1918
·
An
Introduction to Kashmir: Its Geology and Geography, 1953
·
The
Climate of Karachi and how to Live in it, 1953 (with Khan
M. Shamshad)
·
Historical
Geography of Sind - Part 3
·
Identification
and description of some old sites in Sind and their relation with the physical
geography of the region, 1938
·
Prospects
and Potentialities of Pakistan, 1947
·
Correlations
Between Linguistic (cultural) Regions of India, Burma and Ceylon, a Study in
Regional Geography, 1944
·
Geology
and Geography of Karachi and Its Neighbourhood, 1946 (with Peter Hilary
Alexander Martin-Kaye)
·
The
Aryan Home, Being a Thesis on the Location of the Original Aryan Home and Other
Early Aryan Settlements, a Historico-geographical Solution of the Problem, 1946
·
The
Gujarat Region and the Parsees, a Historico-geographical Survey, 1945
·
An
Introduction to Pakistan: Its Resources and Potentialities, 1958
·
An
Introduction to Karachi: Its Environs and Hinterland, 1950
·
A
Physical and Economic Geography of Sind: The Lower Indus Basin, Sindhi
Adabi Board, 1959
·
An
introduction to Sind, its wealth and welfare, Sind Observer Press, 1951
·
Floods
in Sind, Karachi
No comments:
Post a Comment