اي ايل باشم
Arthur Llewellyn Basham
باشم ٻي عالمي جنگ جي خاتمي بعد ٻيهر
لنڊن جي اورينٽل ۽ آفريڪن اسٽيڊيز جي اسڪول ۾ پنهنجي تعليم کي جاري رکندي تاريخ جي
شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1948ع کان ليڪچرار
طور ڪئي. جتان ترقي ڪري 1954ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي پهتو. کيس 1965ع ۾ آسٽريلين
نيشنل يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 1979ع ۾
رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. اي ايل باشم سنڌو سڀيتا ۽ انڊيا جي قديم تاريخ ۾ ڪافي دلچسپي
رکندو هو. هن آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي ۾ سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ليڪچر به ڏنا. کيس
1985ع ۾ ايشياٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي جي اورينٽل اسٽيڊيز ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پاڻ
قديم سنڌو سڀيتا تي ڪافي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. قديم انڊيا جي تاريخ بابت سندس
The Wonder That was India ڪتاب کي ڪافي شهرت حاصل
ٿي. سندس ان ڪتاب جا ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ ڪافي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
·
The History and Doctrines of the Ajivikas: A Vanished
Indian Religion, London, 1951.
·
The Wonder that was India, Sidgwick & Jackson,
London, 1954
·
Papers on the Date of Kaniṣka, Leiden, 1968.
·
A Cultural History of India (editor), Oxford, 1975.
·
Basham, A. L, revised, Vincent Arthur Smith's Oxford History of India with Mortimer Wheeler in 1958.
مقالا
·
Basham, A. L. (October 1948). "Harṣa of Kashmir and the Iconoclast
Ascetics". Bulletin of the School of Oriental and
African Studies 12 (3-4): 140–145.
·
Basham, A. L. (February 1949). "Recent
Work on the Indus Civilization". Bulletin of the School of Oriental and
African Studies 13 (01): 140.
No comments:
Post a Comment