ماڌو سروپ ويٽس


ماڌو سروپ ويٽس
Madho Sarup Vats

رڪ سنڌي
ڀارتي آرڪيالاجسٽ پنڊت ماڌو سروپ ويٽس گڏيل هندستان جي رياست پنجاب ۾ 12 اپريل 1896ع تي جنم ورتو. پاڻ 7 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. هن پنجاب يونيورسٽي لاهور مان سنسڪرت ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. هن 1918ع ۾ پٽنا ميوزم ۾ ملازمت سان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ويٽس اپريل 1920ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي. کيس آرڪيالاجيڪل سرڪل اولهه ۾ اسسٽنٽ سپرينٽيندنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد هن قديم آثارن جي شعبي ۾ وڌيڪ جفاڪشي سان بهرو ورتو. ويٽس سر مارٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ 1920ع ۽ 1930ع ۾ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به حصو ورتو. ويٽس کي 1924ع ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي کوٽائي ڪرائڻ سبب وڌيڪ شهرت حاصل ٿي. هن 1934-35ع ۾ هڙاپا جي قديم ماڳ تي به کوٽايون ڪرايون. سخت محنت ۽ ڪم سان لڳاءَ سبب کيس 1950ع ۾  آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هن لڳاتار 4 سال 1954ع تائين ذميواريون نڀايون. پنهنجي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد هن قديم آثارن تي ڪرايل کوٽاين ۽ کوجنا کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو.

ڪتاب ۽ مقالا
·         Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being An Account Of Archæological Excavations At Harappa Carried Out Between The Years 1920-21 And 1933-34. Volume 1, Manager of Publications (1940)
·         Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being an Account of Archeaological Excavations At Harappa Carried Out Between the Years 1920-21 and 1933-34 (2 Volumes), Archaeological Survey of India. 1997
·         Madho Sarup Vat, The Gupta Temple At Deograh, Archaeological Survey of India; 1999

No comments:

Post a Comment