ڪماراسامي ٿنگاراج
Kumarasamy Thangaraj
ڪماراسامي ٿنگاراج هند سنڌو سڀيتا جي
وارثن جي انساني نسل بابت جينياتي بنيادن تي تحقيق به ڪري رهيو آهي. سندس سربراهي
۾ سينٽر آف سيليولر اينڊ ماليڪيولر بائيولاجي، (Centre for
Cellular and Molecular Biology (CCMB), Hyderabad) هندو يونيورسٽي حيدرآباد، يونيورسٽي
آف ٽارٽو ايسٽونيا (University of
Tartu, Estonia) ۽ چيٽيند
اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن چنائي (Chettinad Academy
of Research and Education, Chenna) جي سائنسدانن جي گڏيل ٽيم طرفان
برصغير ۾ رهندڙ مختلف نسلن جي ماڻهن جو جينياتي جائزو ورتو ويو. ماهرن جي ان ٽيم
طرفان انڊيا جي 30 نسلي گروپن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي. گهٽ ۾ گهٽ 1300 ماڻهن جي
به الڳ الڳ بنيادن تي ڊي اين اي ڪئي وئي. ان ڊي اين اي ڊيٽا کي اولهه ايشيا، وچ
اوڀر ۽ ڪاڪاسس جي مختلف نسلي گروپن جي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽن جي نتيجن سان
ڀيٽيو ويو. جنهن مان اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي تي سينٽرل ايشيا رستي يورپ جي ماڻهن
يعني نام نهاد آرين ڪا برصغير ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي. يا سنڌو سڀيتا جي وارثن جي
شهرن تي قبضو ڪري کين هتان لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو هو. سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت
سائنسي جينياتي بنيادن تي تحقيق بعد ڊاڪٽر ڪمارا سامي ٿنگاراج چيو آهي ته ان دور
جي ماڻهن جي جينياتي تجزئي بعد ثابت ٿيو آهي ته 1500 ق م ۾ آرين جو هن خطي تي ڪوبه
حملو نه ٿيو هو، نه وري ان دور ۾ يورپ کان سينٽرل ايشيا رستي آرين جي هن خطي طرف
ڪا لڏپلاڻ ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته ان دور جي ماڻهن جي جينياتي کوجنا بعد هتي آرين جي هجڻ
جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Kumarasamy Thangaraj, Priya Moorjani, Nick Patterson,
Mark Lipson, Po-Ru Loh, Periyasamy Govindaraj, Bonnie Berger, David Reich,
Lalji Singh. Genetic Evidence for Recent Population
Mixture in India. The American Journal of Human Genetics, 2013; DOI:10.1016/j.ajhg.2013.07.006
·
Thangaraj K, Reich D, Patterson N, Price AL, Singh L
(2009) Reconstructing Indian Population History. Nature. 461:489-494.
·
Thangaraj K, Dhndapany PS, Sadayappan S, Xue Y, Powell
GT, Rani DS, Nallari P, Rai TS, Khullar M, Soares P, Bahl A, Tharkan JM,
Vaideeswar P, Rathinavel A, Narasimhan C, Ayapati DR, Ayub Q, Mehdi SQ,
Oppenheimer S, Richards M, Price A, Patterson N, Reich D, Singh L, Tyler-Smith
C, Thangaraj K (2009) A common Cardiac Myosin Binding Protein C variant
associated with cardiomyopathies in South Asia. Nat. Genet. 41:187-191.
·
Thangaraj K, Chaubey G, Kivisild T, Reddy AG, Singh VK,
Rasalkar AA, Singh L (2005) Reconstructing the origin of the Andaman Islanders.
Science 308:996.
·
Thangaraj K, Singh L, Reddy AG, Rao VR, Sehgal SC,
Underhill PA, Pierson M, Frame IG, Hagelberg E (2003) Genetic affinities of the
Andaman Islanders, a vanishing human population. Curr. Biol. 13:86-93.
No comments:
Post a Comment