مورٽيمر ويلر
Mortimer Wheeler
هن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي قديم آثارن
جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي ۽ آرڪيالاجي بابت ”قديم انڊيا“ (Ancient India) جي
نالي سان شماهي جرنل پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ برصغير ۾ قديم آثارن تي ٿيندڙ کوجنا جا
نتيجا شايع ڪيا ويندا هئا. برصغير جي ورهاڱي بعد کيس پاڪستان حڪومت آرڪيالاجي جو
صلاحڪار مقرر ڪيو. سندس ئي ڪوششن سان اپريل 1950ع ۾ ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم آف
پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. پاڪستان سرڪار مورٽيمر ويلر کي ئي پاڪستاني ميوزم
ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ڪيو. پاڻ 1950ع ڌاري پاڪستان جي آرڪيالاجي تي ”پاڪستان جا
5 هزار سال“ (Five Thousand Years of Pakistan) نالي ڪتاب تحرير ڪيو. هن پاڪستاني شاگردن کي
آرڪيالاجي بابت سکيا ڏيڻ لاءِ موهن جو دڙو جي سائيٽ تي ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو.
پاڪستان سرڪار سان ڪم بابت لاڳاپا خراب ٿيڻ بعد پاڻ هتان واپس لنڊن هليو ويو. بعد
۾ کيس آڪٽوبر 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان گهرايو ويو. هتي پهچڻ بعد هن چارسده جي قديم
آثارن تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو. سنڌو سڀيتا تي هن ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. مورٽيمر
ويلر جي سنڌو سڀيتا تي لکيل هيٺين 5 ڪتابن کي وڏي اهميت حاصل آهي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Wheeler,
Mortimer, Five Thousand Years of Pakistan, Christopher Johnson (London), 1950
·
Wheeler,
Mortimer, The Indus Civilization, Cambridge University Press (Cambridge), 1953
·
Wheeler,
Mortimer, Early India and Pakistan: To Ashoka, Thames and Hudson (London), 1959
·
Wheeler,
Mortimer, My Archaeological Mission to India and Pakistan, Thames and Hudson
(London), 1976
·
Wheeler,
Mortimer, Still digging; interleaves from an antiquary's notebook. London, M.
Joseph, 1955
·
Wheeler,
Mortimer, Rome beyond the imperial frontiers. London: Penguin Books. 1955
No comments:
Post a Comment