پروين ٽالپر

پروين ٽالپر
Parveen Talpur


رڪ سنڌي 
سنڌ سان تعلق رکندڙ تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي حوالي سان ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. پاڻ پاڪستان جي ناميارن انگريزي اخبارن ڊان ۽ پاڪستان ٽائيمس سان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جنوري 1979ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو طرفان سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پيش ڪري تحقيق جي دنيا ۾ پير پاتو.  آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ رهندڙ پروين ٽالپر نيويارڪ جي ڪورنيل يونيورسٽي ۾ 1990ع کان 1997ع تائين وزيٽنگ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته پاڻ 2007ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وزيٽنگ پروفيسر به رهي. پروين ٽالپر ايلمرا ڪاليج ۽ نيويارڪ جي بنگهمٽن يونيورسٽي ۾ به تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس پاڪستان ۽ آمريڪا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ تي به تحقيق ڪري رهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس تحقيقي مقالو وسڪونسن يونيورسٽي جي آرڪيالاجيڪل رپورٽ 1994ع جي جلد 3 ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ڪيل کوجنا سندس ڪتاب ”سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ جاميٽري بابت ثابتيون“ ۾ شايع ڪئي وئي. سندس هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو طرفان 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. پروين ٽالپر جو موهن جو دڙو تي تحقيقي ڪتاب 2014ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي شهري تمدن ۽ انتظامي ڍانچي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. پروين ٽالپر ڪورنيل يونيورسٽي جي پراجيڪٽ تحت سنڌ تي ٽالپر دور ۾ برطانوي قبضي بابت به تحقيق ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ ۾ ٽالپر دور“ 2002ع ۾ لاهور مان شايع ڪيو ويو. 

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Moen jo Daro: Metropolis of the Indus Civilization (2600-1900 BCE). Aug 14, 2014. 
·                     Evidence of Geometry in Indus Valley Civilization 2500-1500 B.C. Sindhology Department, University of Sindh, Jamshoro. 1995
·                     Talpur Rule in Sindh.  Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan. 2002
·                     Footnotes: Selected Verses of Great Poets.  Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan 2006
·                     Islam Through A Mosaic Of Cultures – (Anthology: Living Our Religions; Kumarian Press)
·                     Obscure Women, Obscure Stories. 2012.

·              Women in the Indus Civilization, January 29, 2015

·                     Moen jo Daro - New Threats to Indus Valley Civilization, JANUARY 4, 2010


No comments:

Post a Comment