جارج ايف ڊيلز
George F. Dales
جارج ايف ڊيلز يونيورسٽي آف
پينسيلوانيا (University of Pennsylvania) ۽
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ آرڪيالاجي جي پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊيلز
ٻنهي يونيورسٽين ۾ ڏکڻ ۽ اولهه ايشيا جي قديم تهذيبن بابت اڀياس واري شعبي جو
چيئرمين رهيو. پاڻ سنڌو ماٿري جي تهذيب، ٻولي ۽ لکت تي اهم ماهر تصور ڪيو ويندو
هو. هو وچ اوڀر، سنڌو ماٿري ۽ چين سميت مختلف ملڪن ۾ آرڪيالاجي جي مشنن جو سربراهه
رهيو. هن 1959ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڳن
جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ ايران جي بندر عباس ۾ به قديم آثارن جي سروي ڪئي. ڊيلز سنڌو
ماٿري جي قديم سميرين تهذيب سان لاڳاپن بابت به کوجنا ڪئي. پاڻ پنهنجي زال باربرا
۽ پاڪستاني آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر محمد رفيق مغل سان گڏ 1960ع ۾ مڪران جي سامونڊي
ڪناري جي سروي ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن ۽ سمرين تهذيب وچ ۾ واپار واري رستي جون
ثابتيون هٿ ڪيون. هن 1964ع ۽ 1965ع ۾ موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي ٻيهر کوٽائي
ڪرائي. جارج ڊيلز 1973 ۽ 1979ع جي وچ ڌاري سنڌو سڀيتا جي هڪ قديم ماڳ بالاڪوٽ جي
به کوٽائي ڪرائي. جارج ڊيلز کي 1986ع ۾ هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ جو شريڪ
ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، هن پراجيڪٽ ۾ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جا ماهر
شامل هئا. جارج ايف ڊيلز جا آرڪيالاجي جي موضوع تي 80 کان وڌيڪ مقالا ۽ مضمون شايع
ٿيا.
سنڌو سڀيتا متعلق سندس اهم تصنيف موهن
جو دڙو جي کوٽائي متعلق آهي، جيڪا پاڻ پنهنجي شاگرد جوناٿن مارڪ ڪينوائر سان گڏ
تحرير ڪئي. سندس موهن جو دڙو متعلق تحقيقي ڪتاب پينسيلوانيا يونيورسٽي طرفان 1986ع
۾ شايع ڪيو ويو. هن وفات کان اڳ مڪران جي سامونڊي ڪناري تي پنهنجي طرفان ٿيل سروي
کي ڪتابي شڪل ۾ آندو. جنهن کي سندس وفات بعد ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي آرڪيالاجيڪل
ريسرچ فيڪلٽي طرفان 1992ع ڌاري شايع ڪيو ويو. سنڌو ماٿري جي سڀيتا متعلق سندس اهم
ڪتابن ۽ مقالن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
George Dales,Jonathan Mark Kenoyer, Excavations at Mohenjodaro, Pakistan: The Pottery, University of California Berkeley
·
Dales, G.F.
and C.P. Lipo, "Excavations at Sutkagen-dor" in "Explorations of
the Makran Coast, Pakistan: A Search for Paradise", pp. 135 – 156,
Berkeley Archaeological Research Facility of the University of California,
1992.
·
Dales, G.F.,
"The Balakot Project: Summary of Four Years of Excavations in
Pakistan", in "South Asian Archaeology 1977", edited by M.
Taddei, pp. 241 – 274, Naples, 1979.
·
Dales, G.F.,Some Specialized Ceramic Studies at Harappa, Harappa Excavation Reports 1986-1990, world
Archealogy, No:3, 1991
·
Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Harappa 1989: Summary of the Fourth Season,
·
Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Summaries of Five Seasons of Research at
Harappa: 1986-1990
·
Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, The Harappa Project 1986-1989: New
Investigation at an Ancient Indus City,
·
Dales, G.F.,Shell Working at Ancient
Balakot, Pakistan.
·
Dales, G.F.,Jonathan Mark Kenoyer, Excavation at Harappa: 1988
No comments:
Post a Comment