ادريس صديقي
Idress Sidique
سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيهي ماهرن ۾ محمد ادريس
صديقي جو نالو به شامل آهي. پاڻ 1928ع ۾ گڏيل هندستان جي رياست يو پي ۾ جنم ورتو.
جڏهن ته 4 فيبروري 2000ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪري ويو. برصغير جي ورهاڱي بعد هن پاڪستان
۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. شروع ۾ پاڻ هتي صحافت ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت
اختيار ڪئي. صديقي ڊائريڪٽر ريسرچ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئرز پڻ رهيو، کيس
باباءِ اردو گولڊ ميڊل جي اعزاز سان به نوازيو ويو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌو
ماٿري تي سندس اردو ڪتاب ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ اهم آهي. سندس اهوڪتاب اردو ۾ 1952 ڌاري
شايع ٿيو. بعد ۾ اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو.
صديقي سنڌ جا ڪيترائي قديم ماڳ پاڻ ڏٺا ۽ سروي ڪيا. انهن ماڳن بابت انگريزي ۾ به
ڪتاب لکيا جن ۾ ڀنڀور ۽ ٺٽو اهم آهن.سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا بابت لکيل ڪتاب”سنڌو
ماٿر جي سڀيتا“ ۾ سنڌو ماٿري جي سڀيتا، ٻولي، لکت ۽ ثقافت تي تفصيلي روشني وڌل
آهي. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، چانهون جي دڙي، ست ڪاجن جي دڙي، علي مراد، ڪوٽ آمري،دبرڪوٽ۽ٻين مختلفماڳن جيکوٽائيمانحاصل ڪيل نوادرات تي به تفصيل سان
لکيو ويو آهي.
ڪتاب
·
سنڌو ماٿر جي سڀيتا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع
No comments:
Post a Comment