ديا رام ساهني
Daya Ram Sahni
ديا رام ساهني 1921ع ۾ سر جان مارشل
جي سربراهي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. ديا رام
ساهني 1911ع کان 1912ع تائين لکنو ميوزم جي ڪيوريٽر طور به ذميواريون نڀايون. کيس
1917ع ۾ متحد پنجاب جي آرڪيالاجي سرڪل جو اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ان
عرصي دوران پاڻ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ڪرائي. کيس 1925ع ۾ دهلي
بدلي ڪري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. کيس
1931ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو پهريون مقامي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو.
ان عهدي تي پاڻ 1935ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي مڃتا
طور کيس مارچ 1920ع ۾ ”راءِ بهادر“ جي اعزاز سان به نوازيو ويو.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Daya Ram Sahni, Archaeological Remains and Excavations at
Sambhar, Jaipur, India: Publication Scheme, 1999
·
Daya Ram Sahni, Excavations at Bairat, Jaipur, India:
Publication Scheme,1999
·
DAYA RAM SAHNI,Three Mathura Inscriptions and their
bearing on the Kushana Dynasty, Journal of the Royal Asiatic Society, July,
1924
No comments:
Post a Comment