ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
Bhero Mal Adwani
رڪ سنڌي
سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافت سميت ٻولي تي تحقيق ڪندڙن ڏيهي
ماهرن ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو نالو به شامل رهيو آهي. پاڻ 1875ع ۾ حيدرآباد ۾
جنم ورتو. پاڻ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ورتي،
ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي. بعد ۾ نومبر 1924ع ۾ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر
ٿيو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق شروع ڪئي. هن
ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو1957ع
۾ شايع ٿيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ به
تحقيق جي ميدان ۾ خاصو مقبول ٿيو. سندس اهو ڪتاب 1931ع ۾ شايع ٿيو. ڪاڪي ڀيرومل
قديم تاريخ ۽ ٻولي سميت مختلف موضوعن تي 50 کان مٿي ڪتاب تحرير ڪيا. پاڻ ننڍي کنڊ
جي ورهاڱي بعد ڀارت جي شهر پوني هليو ويو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪئي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
قديم سنڌ، 1957ع
·
سنڌ جي هندن جي تاريخ
·
سنڌي ٻولي جي تاريخ. 1931ع
·
سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
No comments:
Post a Comment