بي ڪي ٿاپر
B. K. Thapar
ٿاپر سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن جي کوٽائي
۾ بهرو ورتو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ ڪالي بنگن سميت پراڻا قلعا ۽ ماسڪي جون
به کوٽايون ڪرايون. هن افغانستان جي فراح ماٿري ۽ بگرام ۾ به قديم ماڳن جي کوٽائي
ڪرائي. پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي جرنل جو 1973ع کان 1979ع تائين ايڊيٽر به
رهيو. بي ڪي ٿاپر1978ع کان 1981ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر
جنرل رهيو.پاڻ انڊيا سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ آرڪيالاجي، فن ۽ ثقافت بابت ادارن ۽
تنظيمن جو ميمبر ۽ سربراهه به رهيو. جن ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف انڊين اسٽيڊيز جي
صلاحڪاري ڪاميٽي جو ميمبر، انٽرنيشنل ڪائونسل آف مونومينٽس اينڊ سائيٽس جو نائب
صدر، يونيسيڪو جي انڊين نيشنل ڪاميٽي جو ميمبر، جرمن آرڪيالاجيڪل انسٽيٽيوٽ جو
ميمبر، انڊين سائنس ڪانگريس جو ميمبر ۽ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو.
کيس ڀارتي سرڪار طرفان تعليم ۽ آرڪيالاجي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي پدما شري
ايوارڊ سان به نوازيو ويو. بي ڪي ٿاپر سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي تحقيقي ڪتاب ۽
مقالا تحرير ڪيا. جن مان ڪجهه ڪتابن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Indian megaliths in Asian context - with Arun Kumar
Sharma (1994)
·
Conservation of the Indian heritage -
with Bridget Allchin and Frank Raymond Allchin (1989)
·
Recent archaeological discoveries in India (1985)
·
Approaches to the Archaeological Heritage Chapter 7,
India - Henry Cleere (1984)
·
History of Humanity: Scientific and Cultural
Development. Book Chapter: The Indus Valley: 3000-1500 BC. Dani, A. H. and
Mohan, J.-P. (eds.), Vol. II UNESCO and Rutledge: 246-265 - with Mohammed
Rafique Mughal (1996)
No comments:
Post a Comment