الگزينڊر ڪنگهم


الگزينڊر ڪنگهم
Alexander Cunningham

رڪ سنڌي
الگزينڊر ڪنگهم کي سنڌو ماٿري جي آرڪيالاجي جو ابو قرار ڏنو ويندو آهي. هي پهريون شخص هيو، جنهن سنڌ هند جي قديم آثارن تي پهريون ڀيرو تحقيق ڪري، انهن جي قديم اهميت کي دنيا اڳيان نروار ڪيو. پاڻ 23 جنوري 1814ع تي لنڊن جي هڪ شاعراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ 28 نومبر 1893ع تي وفات ڪئي. ڪنگهم پنهنجي ملازمت جي شروعات ته برطانوي فوج ۾ انجنيئر جي حيثيت سان ڪئي، پر سندس اصل سڃاڻپ قديم آثارن جي ماهر ۽ تاريخدان طور رهي آهي. پاڻ جڏهن گڏيل هندستان ۾ برطانوي فوج جي بينگال انجنيئرنگ گروپ ۾ هيو ته هن هندستان جي قديم تهذيب ۽ تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. کيس 1861ع ۾ انڊيا ۾ آرڪيالاجيڪل سرويئر مقرر ڪيو ويو. الگزينڊر ڪنگهم ئي اڳتي هلي انڊيا ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو بنياد رکيو. کيس جنوري 1871ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. پاڻ ان عهدي تي 30 سيپٽمبر 1885ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڪنگهم 1871ع ۾ انڊيا جي قديم جاگرافي تي Ancient Geography of India (1871)  نالي ڪتاب لکيو.
ڪنگهم آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيڻ بعد انڊيا ۾ قديم ماڳن جي سروي ۽ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. هن ٽيڪسيلا کان گور تائين سروي ۽ کوٽايون ڪرايون ۽ پنهنجي کوجنا کي 24 رپورٽن جي شڪل ۾ پڌرو ڪيو. سنڌ ۽ هنڌ جي قديم آثارن بابت هن جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. الگزينڊر ڪنگهم جي تحقيق کي بنياد بڻائيندي اڳتي هلي سر جان مارشل ۽ مارٽيمر ويلر سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ کوجنا ڪري ان جي قدامت کي دنيا اڳيان ظاهر ڪيو. الگزينڊر ڪنگهم پهريون ڀيرو 1872ع ۾ سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ڪرائي ۽ ان جي 5 هزار سال قدامت کي ظاهر ڪيو.

ڪتاب ۽ مقالا

·                    LADĀK: Physical, Statistical, and Historical with Notices of the Surrounding Countries (1854).
·                    Bhilsa Topes (1854), a history of Buddhism
·                    The Ancient Geography of India (1871)
·                    Corpus Inscriptionum Indicarum. Volume 1. (1877)
·                    The Stupa of Bharhut: A Buddhist Monument Ornamented with Numerous Sculptures Illustrative of Buddhist Legend and History in the Third Century B.C. (1879)
·                    The Book of Indian Eras (1883)
·                    Coins of Ancient India (1891)
·                    Mahâbodhi, or the great Buddhist temple under the Bodhi tree at Buddha-Gaya

No comments:

Post a Comment