سيد حاڪم علي شاهه بخاري
Syed Hakim Ali Shah
Bukhari
رڪ سنڌي
سنڌ جو ناميارو آرڪيالاجسٽ
سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه صوبن ۾ سنڌو سڀيتا سان
لاڳاپيل ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي ۽ ڪيترن ئي ماڳن جو سروي به ڪرايو
آهي. پاڻ 15 فيبروري 1938ع ۾ دادو لڳ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ پئدا ٿيو، 1950ع ۾ فائينل
جو امتحان پاس ڪري 1957ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي 1968ع
۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. حاڪم علي شاهه
1969ع ۾ موهن جو دڙو ميوزم ۾ گيلري اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ قديم آثارن واري کاتي
۾ 29 سال ملازمت بعد 14 فيبروري 1998ع تي رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. هن آرڪيالاجي کاتي
طرفان 1967ع ۽ 1968ع ۾ خيبر پختون خواهه صوبي ۾ قديم ماڳ اندان جي کوٽائي ڪرائي.
جڏهن ته بلوچستان جي قديم ماڳ پيرڪ جي ٻه ڀيرا 1970ع ۽ 1974ع ۾ کوٽائي ڪرائي. سنڌ
۾ 1973ع ۾ سنڌو ماٿري جي قديم ماڳ جهڪر جي کوٽائي ڪرائي، پاڻ ساڳي ئي سال ۾ سنڌ جي
لاڙ واري علائقي ۾ هڪ مهيني تائين قديم ماڳن جي چوک ۽ چڪاس ڪئي. پاڻ هن وقت سنڌ
آرڪائيوز کاتي طرفان آرڪيالاجي شعبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو
آهي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Khirthar (English) ENI Pakistan
Islamabad as Co-author
·
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،
2008- شريڪ ليکڪ)
·
Kalhora Period Architecture
Sindh Archives 2006 Author
No comments:
Post a Comment