اسٽورٽ پگوٽ
Stuart Ernest Piggott
رڪ سنڌي
برطانوي آرڪيالاجي جي ماهر اسٽورٽ پگوٽ 28 مئي 1910ع ۾ پيٽرسفيلڊ شهر ۾ جنم
ورتو ۽ 23 سيپٽمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ چرچرس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي.
تعليم حاصل ڪرڻ بعد کيس 1927ع ۾ برطانيه جي ريڊنگ ميوزم ۾ اسسٽنٽ طور ڀرتي ڪيو
ويو. جتي هن آرڪيالاجي بابت ڪافي علم پرايو. هن هند ۽ سنڌ سميت ڪافي ملڪن ۽ خاص
ڪري برطانيه ۾ پٿر دور جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. هن 1928ع ۾ ويلز ۾ رائل ڪميشن
آن دي اينشنٽ اينڊ هسٽاريڪل مونومينٽس ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ان دوارن پگوٽ قديم
آثارن ۽ تاريخ تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڻ مشهور آرڪيالاجسٽ الگزينڊر ڪيلر سان
گڏ ڪجهه قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. جيتوڻيڪ کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾
ڪابه ڊگري ڪانه هئي، پر پوءِ به کيس ان شعبي سان خاص دلچسپي رهي. پاڻ 1936ع ۾ سر
مورٽيمر ويلر جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻي عالمي
جنگ دوران کيس انڊيا ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هن برصغير جي آرڪيالاجي تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ
شروع ڪئي. ان ئي دلچسپي سبب هن برصغير جي قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت ٻه ڪتاب
تحرير ڪيا. جيڪي 1946ع ۽ 1950ع ۾ شايع ٿيا. پاڻ قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت
ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو پڻ ورتو. پاڻ 1960ع کان
1963ع تائين پري هسٽارڪ سوسائٽي جو صدر به رهيو. جڏهن ته 1963ع کان 1967ع تائين
اسڪاٽ لينڊ جي قديم نوادرات بابت سوسائٽي جو صدر به رهيو. پاڻ 1967ع کان 1970ع
تائين برٽش آرڪيالاجي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي. پاڻ دل جي دوري پوڻ سبب 23
سيپٽمبر 1996ع ۾ وينٽيج برڪشائر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Some Ancient Cities of India (1946)
·
Prehistoric India (1950).
No comments:
Post a Comment