احمد حسين داني
Ahmad Hasan Dani
رڪ سنڌي
ڪشميري نسل سان واسطو رکندڙ پروفيسر
داني کي ڏکڻ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا جي آرڪيالاجي ۽ تاريخ بابت ماهر تصور ڪيو ويندو
آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا ۽ گنڌارا تهذيب تي کوجنا ڪئي ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي
۾ بهرو ورتو. پروفيسر داني 35 مقامي ۽ بين الاقوامي ٻوليون سمجهي ۽ ڳالهائي سگهندو هو. جن ۾ سنڌي،
هندي، بنگالي، ڪشميري، مراٺي، پشتو، فارسي، پنجابي، سنسڪرت، تامل، ترڪش، انگلش ۽
اردو ٻوليون شامل آهن. برصغير جي ورهاڱي بعد پروفيسر داني ڀارت کان اوڀر پاڪستان
(بنگلاديش) ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. کيس 1947ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان آرڪيالاجي
کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد 1959ع ۾ کيس ترقي ڏئي آرڪيالاجي
کاتي جو انچارج سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 1955ع ڌاري کيس نيشنل ڪاميٽي فار
ميوزمس ان پاڪستان جو صدر مقرر ڪيو ويو. پروفيسر داني ڊاڪا يونيورسٽي ۾ 1950ع کان
1962ع تائين 12 سال تاريخ جي شعبي ۾ پروفيسر طور به ذميواريون نڀايون. بعد ۾ هن
پشاور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي ۾ 1962ع کان 1971ع تائين پروفيسر طور ذميواريون
ادا ڪيون. ان عرصي دوران پروفيسر داني لاهور ۽ پشاور ۾ ميوزمن جي بحالي ۽ ترقي
لاءِ ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ پاڻ اسلام آباد يونيورسٽي (جنهن جو نالو بعد ۾ قائد
اعظم يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ويو) ۾ تاريخ ۽ سوشل سائنسز جي شعبن جو سربراهه به
رهيو. جتي 1980ع ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ان عرصي
دوران آرڪيالاجيڪل اينڊ هسٽاريڪل ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو صدر به رهيو.
پروفيسر داني سنڌو سڀيتا تي تحقيق ۾
انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ديرا اسماعيل خان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ رحمان
ڍيري جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ گنڌارا تهذيب جي ماڳن تي ڪافي کوجنا ڪئي. پروفيسر داني
پنهنجي تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌو سڀيتا هن ماٿري جي پنهنجي
اصلوڪي تهذيب هئي ۽ سنڌو سڀيتا مٿان ڏکڻ ڀارت جي ڪلچر جي ڪو به اثر موجود ناهي. سنڌو
تهذيب جي ترقي ۾ گنگا ماٿري جي ماڻهن جو ڪوبه ڪردار نه هيو. پروفيسر داني سنڌو
سڀيتا بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا. جن مان ڪجهه ڪتابن ۽ مقالن جو هيٺ ذڪر ڪجي
ٿو.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Indus Civilization: New Perspectives. Taxila institute of Asian
Civilizations, Quaid-i-Azam
University, Islamabad. 1981
·
Prehistory and Protohistory of Eastern India: With a
Detailed Account of the Neolithic Cultures. K. L. Mukhopadhyay
·
Pakistan: Pakistan through ages. Sang-e-Meel
Publications. 2007
·
History of Northern Areas of Pakistan (Up to 2000 AD).
Sang-e-Meel Publications. 2001
·
Romance of the Khyber
Pass. Sang-e-Meel Publications. 1997.
·
New Light on Central Asia. Sang-e-Meel Publications. 1996
·
Central Asia Today. Sang-e-Meel Publications. 1996
·
Human Records on Karakorum
Highway. Sang-e-Meel Publications. 1995
·
Peshawar: Historic City of the Frontier. Sang-e-Meel
Publications, (2nd Revised edition). 1995.
·
Tribes and Peoples of Northern Punjab (500 BC to Present
times). QAU Islamabad Publications, 1993.
·
A Short History of Pakistan, Book One: Pre-Muslim Period. University of Karachi. (3 editions,
1967, 1984, 1992)
·
History of Northern Areas of Pakistan (Historical
studies). National Institute of Historical and Cultural Research. 1989
·
Perspectives of Pakistan. National Institute of Pakistan
Studies, Quaid-e-Azam University. 1989
·
The historic city of Taxila. Centre for East Asian
Cultural Studies. 1986.
·
Alberuni's Indica: A record of the cultural history of
South Asia about A.D. 1030. University of Islamabad Press, Islamabad. 1973
·
Indian paleography. Clarendon P. 1963.
·
Dacca: A record of its changing fortunes. S. S. Dani
(Publisher)
·
Bibliography of the Muslim Inscriptions of Bengal.
1957
ٻين محققن سان گڏ لکيل ڪتاب
·
With J-P. Mohen (eds.), History
of Humanity, Volume III, From the Third Millennium to the Seventh Century BC.
New York: Routledge/Paris: UNESCO.
1996
·
With V. M. Masson (eds.), History of Civilizations of Central
Asia, UNESCO, Paris. 1992– (6
volumes)
No comments:
Post a Comment