آسڪو پرپولا
Asko Parpola
رڪ سنڌي
فنلينڊ جو آرڪيالاجي ماهر
آسڪو پرپولا سنڌو سڀيتا جي لکت تي گذريل 40 سالن کان تحقيق ڪري رهيو آهي. قديم
لکتن، ٻولي ۽ ثقافتن تي تحقيق ڪندڙ هن فنش اسڪالر آسڪو پرپولا 1941ع ۾ جنم ورتو.
فنلينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هن پروفيسر سنڌو لکت تي تحقيق جي حوالي
سان وڏي مشهوري ماڻي آهي. جيتوڻيڪ پاڻ سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ڪئي
آهي، پر هن ان تحقيق کي اڳتي وٺي هلڻ ۽ نتيجن تائين پهچائڻ لاءِ بنياد ضرور فراهم
ڪيا آهن. پرپولا سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي ان صف ۾ شامل رهيو آهي، جيڪي
دراوڙي تصور تي هلندي تامل ٻولي کي بنياد بنائي سنڌو ماٿري جي هن قديم لکت ۽ ٻولي
کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس سنڌو لکت تي تحقيق سان گڏ سنڌو سڀيتا
متعلق هڪ ٻي وڏي ڪوشش موهن جو دڙو سميت هن ماٿري جي ٻين قديم ماڳن تان مليل مهرون
آهن. انهن مهرن بابت ٽن جلدن ۾ لکيل ڪتاب جو پاڻ شريڪ ايڊيٽر به آهي. اهي ٽي جلد
1987ع، 1991ع ۽ 2010ع ۾ شايع ڪيا ويا. پرپولا دنيا جي هن قديم لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ
جي ڪوشش طور فنلينڊ جي ماهرن جي هڪ ٽيم تشڪيل ڏني. هن ۽ سندس ٽيم طرفان مرتب ڪيل
نتيجن بابت سندس ڪتاب ”سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش“ ڪيمبرج يونيورسٽي پريس مان 1994ع
۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پرپولا پنهنجي تحقيق ذريعي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته سنڌو سڀيتا جي لکت ۽ ٻولي دراوڙي زبان جي خاندان سان تعلق رکن ٿيون. هن اڳوڻي
سوويت يونين جي روسي ماهرن هيراس Heras۽ ڪنورزوف Knorozov جي
ان ٿيوري کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ روسي ماهرن اها دعوى ڪئي هئي ته
هنن سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌو ماٿري جي وارثن جي ٻولي ۽ لکت
پروٽو دراوڙي هئي. پرپولا جيتوڻيڪ روسي ماهرن جي دراوڙي ٻولي واري دعوى کي ته
پنهنجو ڪيو، پر انهن ماهرن جي ٻولي ۽ لکت کي پڙهڻ بابت تجويز ڪيل نتيجن کي مڃڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو. پرپولا طرفان سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ٻولي کي دراوڙي قرار ڏيڻ تي
کيس 23 جون 2010ع تي منعقد ٿيل عالمي ڪلاسيڪل تامل ڪانفرنس ۾ ڪلاسيڪل تامل ايوارڊ
سان به نوازيو ويو.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Asko Parpola, Deciphering the Indus Script, Cambridge
University Press, 1994
·
Asko Parpola, The Roots of Hinduism: The Early Aryans and
the Indus Civilization, Oxford University Press, 2015
·
Asko Parpola, The Sky Garment: A Study ofthe Harappan Religion And Its Relation To
The Mesopotamian And Later Indian Religions
·
Asko Parpola, Jagat
Pati Joshi, Corpus of Indus seals and inscriptions, Suomalainen Tiedeakatemia, 1987
·
Asko Parpola, Sayid Ghulam Mustafa Shah, Corpus of Indus
Seals and Inscriptions, Vol. 2, Suomalainen
Tiedeakatemia, 1991
·
Asko Parpola, B. M. Pande, Petteri Koskikallio, Corpus of Indus Seals
and Inscriptions, Vol. 3.1, Memories of the
Archaeological Survey of India, vol. 96. Helsinki, 2010.
·
Asko Parpola, South Asian Religion and Society (Studies on Asian Topics, No 11), Riverdale Co Pub, 1986
·
Asko Parpola, Computer Techniques in the Study of the Indus Script, Walter de Gruyter, 1971
·
Is the Indus script indeed not a writing system? In: Airāvati: Felicitation volume in honour of Iravatham Mahadevan: 111–31. VARALAARU.COM,
Chennai. 2008
No comments:
Post a Comment