سر جان مارشل


سر جان مارشل
Sir John Marshall

رڪ سنڌي
سنڌو سڀيتا جي مکيه ماڳن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تي بنيادي کوجنا ڪندڙ ماهر سر جان مارشل هيو. سندس ئي کوجنا ۽ تحقيق بعد هي عظيم تهذيب پنهنجي سمورن رنگن ۽ روپن سان دنيا آڏو نکري نروار ٿي. سر جان مارشل برطانيه جي شهر چيسٽر ۾ 19 مارچ 1876ع تي جنم ورتو ۽ پاڻ گلڊفورڊ ۾ 17 آگسٽ تي وفات ڪري ويو. جان هبرٽ مارشل ڊلوچ ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ 1902ع کان 1928 تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. جان مارشل اهو پهريون پرڏيهي ماهر هيو، جنهن قديم آثارن جي کوٽائي ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي به شريڪ ڪيو ۽ انهن کي هن شعبي سان نه فقط متعارف ڪرايو پر کين تربيت به ڏني. جان مارشل 1913ع ۾ ٽيڪسيلا جي قديم آثارن جي کوٽائي ڪرائي. هن شخص ئي 1918ع ۾ ٽيڪسيلا ميوزم جو بنياد رکيو. هن انڊيا ۾ ٻڌ دور جي قديم آثارن تي به ڪم ڪيو. اشوڪا دور جي قديم ماڳن تي به سندس کوجنا اهميت لائق آهي.
سر جان مارشل جو ڀارت ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ واکاڻ جوڳو ڪم موهن جي دڙي جي کوٽائي هئي. هن برطانوي ماهر نه فقط موهن جو دڙو پر سنڌو سڀيتا جي ٻين قديم ماڳن بلوچستان جي نال ۾ سوهر دامب جي به کوٽائي ڪرائي. موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد هن پنهنجي کوجنا تي ٻڌل ڪتاب ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“  (Mohenjo-Daro and the Indus Civilization)جي نالي سان ٽن جلدن ۾ انگريزي ۾ لکي پڌرو ڪيو. جيڪو سنڌو سڀيتا تي هڪ مکيه ماخذ قرار ڏنو ويندو آهي. 

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Marshall, John (1931). Mohenjo-Daro and the Indus Civilization. (3 Volumes)
·                     Marshall, John H. (1960). The Buddhist Art of Gandhara: The Story of the Early School, Its Birth, Growth and Decline. Cambridge: Cambridge University Press.
·                     Marshall, John H. (1960). A Guide to Taxila (4th ed.). Cambridge: Cambridge University Press. 
·                     Marshall, John H.; M. B. Garde (1927). The Bagh Caves in the Gwalior State. London: The India Society.
·                     Marshall, John H.; Foucher, Alfred. The Monuments of Sanchi (3 vol.).
·                     Marshall, John H. (1918). A Guide to Sanchi. Calcutta: Superintendent, Government Printing.

No comments:

Post a Comment