نبي بخش بلوچ


نبي بخش بلوچ
Nabi Bux Baloch

رڪ سنڌي 
سنڌ جي نامياريتاريخدان ۽ ماهر لسانياتڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز ڪرڻ بعد 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي جي ڊگري ورتي. ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جي ڊگري ورتي ۽ 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايجوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين، جنهن بعد 1949ع ۾ ساڳي موضوع تي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڻ مختلف سرڪاري ملازمتون ڪيون. سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن طور ذميواريون نڀايون. ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو. جنوري 1976ع کان 9 مارچ 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪيو.جڏهن ته 22نومبر 1980ع کان 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو.پاڻ 1991ع کان آخر تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
ڊاڪٽر بلوچ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر به رهيو. جن ۾ اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمين وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثـه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائد اعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي شامل آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ رهيو. ڊاڪٽر کي ڪيترائي ايوراڊ به ڏنا ويا، جن ۾ تمغهءِ پاڪستان 1962ع ۽ 1968ع ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس 1979ع، صدارتي ايوارڊ، اعزاز ڪمال 1991ع، صدارتي ايوارڊ، ستاره امتياز 2001ع ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارثن جي ٻولي ۽ لکت بابت پنهنجو الڳ نقطي نظر رکي ٿو. سندس خيال هو ته سنڌي ٻولي سڌو سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي. لهندا، ڪشميري ۽ اترين سنڌو ماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينر آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب سنڌ جي قديم ٻولي غالبن ڪا سامي زبانن جي سٿ مان هئي. جنهن تي پوءِ آريائي زبانن جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي  گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو پيو. ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌو ماٿري جي ٻولي بابت آخر تائين اها راءِ رهي ته سنڌي سنسڪرت مان پئدا نه ٿي آهي، ۽ نه وري اپڀرنش مان پئدا ٿي آهي. پر سنڌو ماٿر جي ڪنهن اوائلي آريا ٻولي مان نڪتي آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

·                    نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ 1962ع
·                    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، 1991ع
·                    سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ
·                    سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي
·                    سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو
·                    جتڪي ٻولي
·                    ٻيلاين جا ٻو
·                    سومرن جو دور (2 جلد)

No comments:

Post a Comment