مائيڪل پيتراگليا
Michael Petraglia
آرڪيالاجي جي ماهر پيتراگليا 1982ع ۾
نيويارڪ يونيورسٽي مان انيٿروپلاجي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ يونيورسٽي
آف نيو ميڪسيڪو مان ساڳي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ساڳي يونيورسٽي
مان اينٿروپلاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد تحقيق جي ميدان ۾ پير پاتو. پاڻ
سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيو آهي. پيتراگليا
2008ع کان ڀارت جي مڌيا پرديش ۾ سون ماٿري آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر آهي.
جڏهن ته 2003ع کان آنڌرا پرديش ۾ ڪرنول ڊسٽرڪٽ آرڪيالاجيڪل پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر
طور به ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پيتراگليا 2004ع کان ڏکڻ دکن ۾ قديم تاريخ بابت
پراجيڪٽ جو به ڪو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ سنڌو ماٿري ۾ پٿر دور جي ماڳن تي ڪافي تحقيق
ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل اٿس.
ڪتاب
·
Petraglia,
M.D. and Boivin, N. (eds). From Colonisation to Globalisation: Species Movement
in Human History. Cambridge University Press: Cambridge, 2014
·
Petraglia,
M.D., R. Korisettar and J.N. Pal (Eds). The Toba Super-Volcanic Eruption
of 74,000 Years Ago: Climate Change, Environments, and Evolving Humans.
Special journal issue of Quaternary International. no. 258. 2012
·
Petraglia,
M.D. & Allchin, B., (2007), The Evolution and History of Human Populations
in South Asia: Inter-disciplinary Studies in Archaeology, Biological
Anthropology, Linguistics and Genetics, Netherlands: Springer Press, 2007
·
Petraglia,
M.D. & Potts, R., (2004), The Old World Paleolithic Collections and the
Development of a National Collection, Washington, D.C.: Smithsonian
Contributions to Anthropology Seriesm 2004
No comments:
Post a Comment