جين ميري ڪيسل
Jean-Marie Casal
ڊسمبر 1977ع ۾ وفات ڪري ويو. فرانس جي حڪومت
طرفان 1958ع ۾ جين ميري ڪيسل جي سربراهي ۾ ”مشن آف انڊس“ جي نالي سان سنڌ ۽
بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق بابت پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو. فرانسيسي حڪومت طرفان
اهو پراجيڪٽ پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ۽ ميوزمس ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان شروع ڪيو
ويو. ان مشن جين ميري ڪاسل جي سربراهي هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي قديم ماڳن
کي نه فقط دريافت ڪيو پر انهن جي کوٽائي به ڪرائي. انهن ماڳن ۾ سنڌ جي ٻن اهم ماڳن
آمري ۽ ڪوٽڏجي ۽ بلوچستان ۾ پيرڪ، مهرڳڙهه ۽ ٻين ماڳن جي کوٽائي ڪرائي وئي. ان سان
گڏ جين ميري ڪاسل افغانستان ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳ مينڊيگڪ جي به کوٽائي ڪرائي.
مينڊيگڪ جي دريافت ۽ کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي جاگرافيائي حدن جي افغانستان تائين
ڦهلاءَ بابت ثابتيون مليون. آمري، مهرڳڙهه ۽ ڪوٽڏجي جي کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي
شهري تمدن کان اڳ يعني 8 هزار سال ق م جي ڳوٺاڻي زرعي ثقافت بابت پتو پيو. جين
ميري ڪاسل ۽ فرانس جي ٻين ماهرن جي کوجنا سان سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ روشني پئي ۽ موهن
جي دڙي جي شهري تمدن کان اڳ اسريل ڳوٺاڻي زرعي ثقافت نروار ٿي. جين ميري ڪاسل جي
ڪوٽجي، آمري، منڊيگڪ ۽ ٻين ماڳن تي کوٽائي ۽ تحقيق بابت ڪتاب ۽ مقالا فرينچ زبان ۾
شايع ٿيل آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
No comments:
Post a Comment