اروٿم مهاديون


اروٿم مهاديون
Iravatham Mahadevan

رڪ سنڌي
ڀارتي آرڪيالاجسٽ اروٿم مهاديون قديم دور جي لکتن بابت هڪ اهم ماهر سجهيو وڃي ٿو. پاڻ 2 آڪٽوبر 1930ع تي تامل برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. مهاديون ڪيمسٽري ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1953ع ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. بعد ۾ هن 1980ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو سڄو ڌيان قديم تهذيبن ۽ لکتن جي کوجنا تي ڏيڻ شروع ڪيو.
ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ جنم وٺندڙ هن ماهر قديم تامل برهمي لکتن کي پڙهڻ (Decipherment)۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن بعد هن سنڌو سڀيتا جي قديم لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، جنهن ۾ سندس کوجنا جاري آهي. مهاديون سرڪاري عهدي تي رهندي به قديم تامل براهمي لکتن کي پروڙڻ ۾ پنهنجون توانايون استعمال ڪرڻ لڳو. مهاديون تامل ناڊو جي غارن مان ملندڙ قديم لکتن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1965ع ۾ پنهنجي تحقيق کي لکت جي صورت ۾ سامهون آندو. ان عرصي دوران پاڻ تامل ناڊو آرڪيالاجي کاتي جي سهڪار سان سنڌو لکت کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ تي به ڪم ڪندو رهيو.
مهاديون کي 1970ع ۾ سنڌو لکت تي تحقيق خاطر ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ جواهر لال نهرو اسڪالرشپ ڏني وئي. هن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سنڌو لکت تي پنهنجي تحقيقي مقالو 1977ع ۾ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو. مهاديون پنهنجي تحقيق دوارن سنڌو لکت کي دراوڙي ٻولي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان موضوع تي 40 کن مقالا تحرير ڪيا. مهاديون کي قديم لکتن تي سندس تحقيق کي مڃتا ڏيندي 1998ع ۾ انڊيا جي قديم لکتن بابت جوڙيل سوسائٽي جو صدر چونڊيو ويو. بعد ۾ 2001ع ۾ کيس انڊين هسٽري ڪانگريس جو صدر مقرر ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت طرفان قديم لکت تي سندس بي بها پورهئي کي مڃتا ڏيندي کيس 2009ع ۾ پدما شري ايوارڊ (Padma Shri award)  سان نوازيو ويو. جڏهن ته قديم تامل ٻولي تي تحقيق تي کيس مڃتا ڏيندي 2009ع ۾ ٽولڪاپيار ايوارڊ به ڏنو ويو. قديم تهذيب ۽ لکت تي سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن. سنڌو تهذيب ۽ لکت تي شايع ٿيل ڪتاب وڏي اهميت لائق آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Corpus of Tamil-Brahmi inscriptions (1966).
·                     The Indus Script: Texts, Concordance and Tables (1977).
·                     Early Tamil Epigraphy: From the Earliest Times to the Sixth Century A.D. (Harvard Oriental Series, 62) (2003).
·                     Early Tamil Epigraphy: Tamil-Brahmi Inscriptions. Revised and Enlarged Second Edition: Volume 1 (Central Institute of Classical Tamil) (2014).
·                     Akam and Puram: ‘Address’ Signs of the Indus Script (2010).
·                     Dravidian Proof of the Indus Script via the Rig Veda: A Case Study (2014).

No comments:

Post a Comment