ڊيوڊ فراولي


ڊيوڊ فراولي
David Frawley

رڪ سنڌي
آمريڪي ماهر ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي ويدن، هندوازم، يوگا ۽ ستارن جي علم بابت 30 کان وڌيڪ ڪتابن جو خالق آهي. سندس جنم 1950ع ڌاري وسڪونسن آمريڪا ۾ ٿيو. پاڻ نيو ميڪسيڪو ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف ويدڪ اسٽيڊيز جو باني ۽ ڊائريڪٽر آهي. ان اداري ۾ ويدڪ ايسٽرولاجي، يوگا فلاسافي ۽ آريوويدڪ بابت تعليم ڏني ويندي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويدڪ ۽ يوگا جي اداران سان سلهاڙيل آهي. کيس ڀارتي سرڪار 2015ع ۾ ملڪ جي ٽيئن نمبر وڏي ايوارڊ پدما ڀوشن سان پڻ نوازيو. هندو مذهب اختيار ڪرڻ تي کيس وما ديوا شاستري (Vamadeva Shastri ) جو نالو ڏنو ويو. پر پاڻ پنهنجي اصلي نالي ڊيوڊ فراولي طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر ڊيوڊ فراولي سنڌو سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق پڻ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا تي آرين جي حملي واري يورپين تصور کي رد ڪندڙ ماهرن مان هڪ آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا کي هتان جي اصلي مقامي رهواسين جي تهذيب قرار ڏئي ٿو ۽ ان جي زوال پٺيان آرين جي حملي واري تصور کي بي بنياد قرار ڏئي ٿو.

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Myth of the Aryan Invasion of India, Voice of India, 2005.

·                     Gods, Sages, and Kings: Vedic Secrets of Ancient Civilization (1991), Lotus Press, Twin Lakes, Wisconsin
·                     Hinduism: The Eternal Tradition (Sanatana Dharma) (1995), Voice of India, New Delhi, India.
·                     In Search of the Cradle of Civilization (1995), (with Georg Feuerstein and Subhash Kak), Quest Books, Wheaton, Illinois.
·                     Hidden Horizons Unearthing 10,000 Years of Indian Culture, Swaminarayan Aksharpith, Amdavad (February 1, 2008)
·                     The Rig Veda: And the History of India (Rig Veda Bharata Itihas)  July 1, 2003

No comments:

Post a Comment