نارائڻ ڊڪشٽ

نارائڻ ڊڪشٽ
Narayan Dikshit

رڪ سنڌي 
سنڌو ماٿري جي سڀيتا کي دنيا آڏو نروار ڪرڻ ۾ جن عالمن ۽ ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ ڪي اين ڊڪشٽ جو نالو نمايان جڳهه والاري ٿو. سندس اصل نالو راءِ بهادر ڪشناٿ نرائڻ ڊڪشتهو. انڊيا جي هن نامياري آرڪيالاجسٽ 21 آڪٽوبر 1889ع ۾ مهاراشٽرا جي برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. پاڻ برصغير جي ورهاڱي کان 3 سال اڳ 6 آڪٽوبر 1944 ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ 1937ع کان 1944ع تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. هن آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ مقرري کان اڳ انڊين ميوزم ۾ آرڪيالاجي جي سپرينٽينڊنٽ طور به ذميواريون نڀاهيون. ڊڪشٽ موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران سر جان مارشل جي ٽيم جو حصو هو.

ڪتاب ۽ مقالا

·                     Kashinath Narayan Dikshit, Excavations at Paharpur, Bengal, (Memoirs of the Archeological survey of India) 1938
·                     Kashinath Narayan Dikshit, Prehistoric civilization of the Indus Valley, (Sir William Meyer lectures, 1935),1967
·                     Kashinath Narayan Dikshit, Banerji, Rakhal Das Dikshit, Eastern Indian school of mediaeval sculpture 1933

·                     K.N. Dikshit (Editor), S.P. Gupta (Editor), K.S. Ramachandran (Editor) Puratattva: v. 10: Bulletin of the Indian Archaeological Society


No comments:

Post a Comment