رڪ سنڌي
Ruk Sindhi
رڪ سنڌي
(Ruk Sindhi) سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار
ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت
ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين
مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. رڪ سنڌي جي شايع ٿيل
ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“، ”سنڌي قوم جو مقدمو“،
”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”سنڌ آزادي ۽ انقلاب“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”قاضي فيض محمد“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ “سنڌو
سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو”، “سنڌو سڀيتا جا محقق” ۽ ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“
ڪتاب ڳڻائي سگهجن ٿا.
رڪ سنڌي ڪيترائي ڪتاب ترجمو
ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا
آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب
به ڪيا آهن. جن ۾ ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“، ”سنڌي ٻولي رت
رتولي“ ۽ ٻيا شامل آهن.
No comments:
Post a Comment