شري ڪلارڪ
Sharri Clark
رڪ سنڌي
سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ
آمريڪا جي نامياري آرڪيالاجي ماهر شري ڪلارڪ هارورڊ يونيورسٽي جي اينٿروپلاجي
ڊپارٽمينٽ مان آرڪيالاجي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ آمريڪا جي اوڪلاهوما
شهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري دوران سندس تحقيق جو محور پاڪستان، انڊيا ۽
اسرائيل ۾ آرڪيالاجي بابت فيلڊ ورڪ هيو. شري ڪلارڪ جي تحقيق جو محور هڙاپا مان
مليل پڪل مٽي جا ٿانون ۽ ان دور جي ماڻهن ۾ سماجي رابطا هو. شري ڪلارڪ پنهنجي
تحقيق دوارن پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ٿيل تحقيق ۽ ميوزمن ۾ گڏ
ٿيل قديم نوادرات ۽ ٻئي مواد کي استعمال هيٺ آندو. هن پنهنجي تحقيق دوران هڙاپا
آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ پاران پاڪستان ۾ قديم آثارن جي کوٽاين دوارن هڙاپا
ميوزم، نيشنل ميوزم ۽ لاهور ميوزم ۾ رکيل نوادرات کي به پنهنجي کوجنا ۾ شامل ڪيو.
ان سان گڏوگڏ پاڻ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان ٿيل تحقيق ۽ نيشنل ميوزم آف
انڊيا ۾ رکيل قديم نوادرات مان به فائدو حاصل ڪيو. ڊاڪٽر ڪلارڪ گڏيل قومن جي اداري
يونيسيڪو جي پاڪستان ۾ ڪلچرل هيريٽيج پرزرويشن پروگرام ۽ هڙپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ
پروجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽ به رهي. شري ڪلارڪ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي آرڪيالاجي بابت به
ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. پاڻ ڪمپيوٽر سسٽم اسپيشلسٽ به آهي. هن ڪمپيوٽر
سائنس ۾ اوڪلاهوما اسٽيٽ يونيورسٽي مان بي ايس جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي. سندس سنڌو
سڀيتا تي لکيل مقالن ۽ ڪتابن جو وچور هتي پيش ڪجي ٿو.
·
Sharri R. Clark, The Social Lives of Figurines
·
Recontextualizing the Third-Millennium-BC Terracotta Figurines from Harappa.
Papers of the Peabody Museum 86
No comments:
Post a Comment