بينجمن ويلنٽائين
Benjamin Valentine
رڪ سنڌي
سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهر بينجمن
ويلنٽائين بائيوآرڪيالاجسٽ آهي. پاڻ ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري سنڌو سڀيتا جي وارثن بابت
جديد سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري رهيو آهي. ويلنٽائين بائيو جيوڪيميڪل ڊيٽا ذريعي
ان دور ۾ آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين سبب رهائشي نظام ۾ ڦيرڦار ۽ لڏپلاڻ متعلق
کوجنا ۾ به مصروف آهي. بينجمن ويلنٽائين آمريڪا جي ڊارٽموٿ ڪاليج يونيورسٽي جي
اينٿروپلاجي شعبي سان سلهاڙيل آهي. کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران 2011ع ۾ فلوريڊا
يونيورسٽي طرفان سنڌو سڀيتا جي وارثن جي شناخت ۽ لڏپلاڻ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ گرانٽ
به مهيا ڪئي وئي.
ڪتاب ۽ مقالا
·
Benjamin Valentine, George D. Kamenov, Jonathan Mark
Kenoyer, Vasant Shinde, V. Mushrif-Tripathym Evidence for Patterns of Selective
Urban Migration in the Greater Indus Valley (2600-1900 BC): A Lead and
Strontium Isotope Mortuary Analysis, PLOS ONE,
2015
No comments:
Post a Comment